اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻارن جي پيدائش ۾ وقفي سان آبادي جي مسئلي تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ ٺوس رابطن ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي، آبادي جي تصديق ٿيل انگن اکرن سان م??تق??ل بابت ٺوس منصوبابندي ۾ م??د ملندي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن آبادي بابت سيمينار کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن وقت پاڪستا?? کي ڪورونا وبا جي ٻي لهر درپيش آهي، اسا?? کي ان وبا کان بچڻ جي لاءِ ايس او پيز تي ڀرپور طريقي سان عملدرآمد ڪرڻ گهرجي، مون به ماسڪ پاتو آهي ۽ عوام کي به عوامي ??اي?? تي ماسڪ پائڻ گهرجي، بار بار هٿ ڌوئڻ گهرجن ۽ سماجي فاصلي جو خيال رکڻ گهرجي.