اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آه??. ڪالهه آچر ڏينهن اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 640 مريضن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي ۽ هڪ مريض اسپتال ۾ فوت ٿيو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ 19 جا 34 هزار 544 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 502، پنجاب ۾ 12 هزار 23، خيبرپختونخواهه ۾ 2 هزار 640، اسلام آباد ۾ 3 هزار 210، بلوچستان ۾ هڪ هزار 320، گلگت بلتستان ۾ 382، آزاد ڪشمير ۾ 467 ٽيسٽ شامل آه??. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 2 لک 92 هزار 303 ٿي چڪو آه??. آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آه?? جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص هڪ هزار 912 وينٽي ليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 106 مريض آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 6 هزار 952 آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 3 لک 5 هزار 671 آه?? جن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 517، بلوچستان ۾ 14 هزار 269، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 450، اسلام آباد ۾ 16 هزار 124، خيبرپختونخواهه ۾ 37 هزار 317، پنجاب ۾ 98 هزار 368 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 33 هزار 626 مريض آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 6 هزار 416 آه?? جن مان سنڌ ۾ 2 هزار 459، پنجاب ۾ 2 هزار 226 فوتگيون، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 258، اسلا آباد ۾ ڪل 180 فوتگيون، بلوچستان ۾ 145، گلگت بلتستان ۾ 81 فوتگيون ٿيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائ??س سبب 67 فوتگيون ٿي چڪيون آه?? جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائ??س سبب فوت ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جا 31 لک 60 هزار 924 ٽيسٽ ڪيا ويا. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 735 اسپتالن ۾ 837 مريض علاج هيٺ آه??.