اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٽي بي جي خاتمي لاءِ گلوبل ف??ڊ جي تجويز ڪيل قدمن تي موثر عملدرآمد جي لاءِ حڪومت جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته موجوده حڪومت معاشري جي سمورن طبقن کي معياري ۽ مناسب صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. هن اها ڳالهه مختلف اسرندڙ ملڪن ۾ مرضن جي خاتمي لاءِ صحت جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ گلوبل ف??ڊ جي ايگزيڪيوٽو ڊ??ئر??ڪٽر پيٽرز سينڊز جي قيادت ۾ اعليٰ عهد??دا??ن جي هڪ وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي.