اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڌندڙ آبادي ۽ پوکي جوڳي زمينن ۾ گهٽتائي کي نظر ۾ رکندي مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي فوڊ سيڪيورٽي جي حو??لي سان ننڍي، وچولي ۽ ڊگهي مد?? واري پاليسي جوڙي وڃي، ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اضافي جي حو??لي سان ٽيڪنالاجي ۽ جديد طريقن کي استعمال ۾ آڻڻ جي سلسلي ۾ منصوبابندي ڪ??ي وڃي، وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن جي حو??لي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير محمد حماد اظهر، نيشنل فوڊ سيڪيورٽ?? وارو وزير سيد فخر امام، صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ۽ مرزا شهزاد اڪبر، خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، ڊاڪٽر شهباز گل، عثمان ڊار ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. چارئي صوبائي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.