اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته 22 ڪروڙ عوام وانگر اسان به اميد رکون ٿا ت?? نيب قانون کي هڪ جهڙو لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائيندي ۽ ادا??ي جي اندر مان انتقام جي بوءِ نه ايندي، ڪمزور کي پڪڙڻ ۽ طاقتور کي ڇڏي ڏيڻ جو تاثر ختم ٿيڻ گهرجي، هو پي آءِ ڊي جي ميڊيا سينٽر ۾ ميڊيا کي بريفنگ ??ئي رهي هئي.