اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سک مذه?? جي باني بابا گرو نانڪ ديوجي جي 550 هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي بين ??لم??اهب هم آهنگي جي جذبي جي عڪاس ڪرتارپور لنگهه جي بي مث??ل منصوبي جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو. اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه، ڀارتي پنجا?? جي وڏي وزير ڪيپٽن (ر) امريندر سنگهه ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو سميت ڀارت سميت سڄي دنيا مان بابا گرو نانڪ جي جنم ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ ڪرتارپور آيل سک ياترين جو وڏو انگ پڻ ان موقعي تي موجود هو جن فراخدلاڻي انداز ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ سندس حڪومت جا ٿورا مڃيا ۽ دعائون ڪيون.