ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏ??ل عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ابوظهبي پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهبي جي هوائي اڏي تي گڏ??ل عرب امارات جي اقتصادي معاملن واري و??ير عبدالله طوق المري ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي آفيسرن وزيراعظم محمد شهباز شريف جو استقبال ڪيو. وزيراعظم گڏ??ل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ يو اي اي ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻئي اڳواڻ گڏ??ل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏ??ل عرب امارات جي و??يراعظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان به ملاقات ڪندو. ان موقعي تي و??يراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ اماراتي و??پارين ۽ سيڙپڪارن سان به ملاقاتون ڪندو.