اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان شرم الشيخ ڪانفرنس ۾ آفتن سان ٿيندڙ زيان ۽ نقصان جي ايجنڊا کي موثر طريقي سان اجاگر ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آيو، اهو هڪ تاريخي قدم آهي، پاڪستان جو ڪيس موس??يا??ي انصاف آهي خيرات نه آهي، ترقي يافته ملڪن پاران ماحولياتي تبديلين جي ??ئلينج کي قبول ڪرڻ خوش آئنده آهي، جڏهن ته ان ڏس ۾ ڪيل واعدن کي عملي شڪل ڏيڻ ضروري هوندو. هو شرم الشيخ ۾ ٿيندڙ ڪوپ 27 ڪانفرنس دوران پاڪستان جي ??ا??يا?? موس??يا??ي سفارتڪاري تي لاڳاپيل ادارن ۽ عالمي حصيدارن جي ??وششن کي ساراهڻ جي لاءِ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو ??و. ??زيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان کي تازي ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، 1800 فوتگيون ٿيون جڏهن ته زراعت، صنعت، لائيو اسٽاڪ، انفراسٽرڪچر سميت 30 ارب ڊالر جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪندڙ سمورن ملڪن جا ٿورا مڃون ٿا، مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڪئي ويندڙ مدد سدائين ياد رکي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستانجي اندر به سرندي وارن ۽ فلاحي ادارن متاثرين جي دل کولي مدد ڪئي، اهڙي طرح سمورين صوبائي حڪومتن خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان جي حڪومتن متاثرين جي ??رپور مدد ڪئي. هن نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي صوبائي ادارن جي ??وششن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو، موس??يا??ي تبديلي واري وزير شيري رحمان ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪوپ 27 جي عالمي فورم تي پاڪستان جو موقف اجاگر ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته موس??يا??ي تبديلي جي ??ري برساتن سان پاڪستان ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي جڏهن ته موس??يا??ي تبديلين جو سبب بڻجندڙ گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، اسان جي خواهش ۽ دعا آهي ته جيڪو پاڪستان ۾ ٿيو اهو ڪنهن ٻئي ملڪ سان نه ٿئي جڏهن ته اها تلخ حقيقت آهي ته موس??يا??ي تبديلين جي اثرن ۽ ان جي نتيجن ۾ رونما ٿيندڙ آفتون سرحدن جون پابند نه آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اهو پهريون ڀيرو ٿيو جو پاڪستان جو آواز عالمي سطح تي ٻڌو ويو ۽ ان جي ??وششن جي ??ري لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آيو، ان حوالي سان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ ماحولياتي تبديلين واري وزير شيري رحمان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو ڪيس موس??يا??ي انصاف جو آهي خيرات جو نه آهي. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته ترقي يافته دنيا موس??يا??ي تبديلي جي ??ئلينج جي اهميت کي تسليم ڪيو آهي ۽ شرم الشيخ ۾ شاندار معاهدو طئي ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آندو ويو جڏهن ته معاهدن تي عملدرآمد جي وڌيڪ اهميت هوندي ان موقعي تي وزيراعظم شرم الشيخ ۾ ڪا??يا?? سفارتڪاري تي لاڳاپيل وزارتن ۽ عملدارن جي ??وششن کي ساراهيو. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي موس??يا??ي تبديلي واري وزارت پاران پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين، امدادي سرگرمين، وزيراعظم، ??ڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ وفاقي ڪابينا جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دورن بابت ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي.