اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جو مصر جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، موسمياتي تبديلين جي تباهي آڻيندڙ اثرن جي حوالي ??ان ڪوپ – 27 ڪانفرنس پاڪستان جي لاءِ وڏي نتيجاخيز رهي، پهريون ڀيرو موسمياتي تبديلي ??ي ڪري نقصانن ۽ تباهي کي اسرندڙ ??لڪن جي مالياتي دٻاءُ ۾ اضافي جو سبب تسليم ڪيو ويو، پهريون ڀيرو اسرندڙ ??لڪن جي نقصانن جي ازالي لاءِ مالي وسيلن جي فراهمي تي عالمي اتفاق راءِ ٿيو آهي، هڪ طرف عوامي خدمت جاري آهي ۽ ٻئي طرف هڪ شخص انتش??ر، فساد، جلاءُ گهيراءُ ۽ فتني ۾ مصروف آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هڪ طرف اهو شخص آهي جيڪو جڏهن کان اقتدار ۾ آيو، ملڪ ۽ عوام جي خدمت ۾ مصروف آهي ۽ ٻئي طرف اهو ڪردار آهي جيڪو جڏهن کان سياست ۾ آيو، تباهي، بربادي، انتشار ۽ خ??فشار ۾ مصروف آهي. هن چيو ته هڪ شخص ٻوڏ متاثرين کي سرديءَ، بيمارين، بک ۽ بيماري کان بچائڻ جي جدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ ٻئي طرف اهو فسادي فتنو آهي جيڪو رستا بند ڪري بيمار ٻارن ۽ ايمبولينسز کي اسپتال پهچڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. مريم اورنگزيب چيو ته هڪ شخص پاڪستان جي معيشت کي تباهي جي ڪناري تان واپس آندو ۽ معاشي بنيادن کي ??ضبوط ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف ڌرڻن، باهه لڳايو، ماريو، مري وڃو، جلاءُ گهيراءُ جو ماسٽر مائنڊ آهي جيڪو اقتدار جي هوس ۾ هر اداري، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن تي حملي ??ور آهي. هن چيو ته هڪ شخص سفارتي لاڳاپن، دوست ملڪن سان تعاون جي تجديد ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي عالمي وقار کي بحال ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف سازشي بيانيو ٺاهيندڙ ??ڪ??ر، فريبي ۽ جعلساز آهي جنهن اقتدار جي لاءِ قومي مفادن کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو.