شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، آءِ ايم ايف پر??گر??م کي پورو ڪيو ويندو. اهڙن خيال جو اظهار هن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جورجيوا سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم جي ساڻس ملاقات موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ منعقد ڪوپ – 27 سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف پر??گر??م کي پورو ڪنداسين، آءِ ايم ايف جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. هن چيو ته ٻوڏ متا??ري?? جي فوري مدد ۽ بحالي جي لاءِ بجيٽ ڪاٿن ۾ تبديلي آن??ي وئي آهي، ڪورونا ۽ عالمي ٻاڙائي کانپوءِ ٻوڏ جي صورتحال جا پاڪستان جي معاشي بحالي جي رفتار تي منفي اثر پيا آهن، عوام جي جان بچائڻ ۽ ٻوڏ متا??ري?? جي بحالي اولين ترجيح آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪوپ 27 ڪانفرنس موسمياتي انصاف ڏيارڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندي.