اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان عالمي مشروب ساز ڪمپني پيپسي ڪو جي آفريقا، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر يوجين وليمسن جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود پڻ شريڪ هو. وزيراعظ?? وفد جي آجيان ڪندي چيو ته قومون معاشي پاليسين جي تسلسل سان ٺهنديون آهن. وزيراعظم ??يپسي ڪو جي پاڪستان سان خطي جي ٻين ملڪن مان برآمدات کي ساراهيندي ڪمپني کي پاڪستان ۾ زرعي صنعتن، سيڙپڪاري وڌائڻ جي ترغيب ڏني. يوجين وليمسن حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ان کانسواءِ حڪومت جي معاشي، ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي پاليسين جي تسلسل جي ڪوششن کي به ساراهيو. يوجين وليمسن وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ته پيپسي ڪو ٻوڏ متاثرين جي ??اء?? 50 لک راشن پيڪيٽ فراهم ڪيا، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ پيپسي ڪو جي ملازمن پاران ٻوڏ متاثرين جي مدد ??اء?? عطيو گڏ ڪرڻ جي مهم به جاري آهي. وزيراعظم ??يپسي ڪو پاران انهن جي مدد تي ٿورا مڃيا ۽ ڪمپني پاران زراعت جي شعبي ۾ جدت آڻڻ جي ??اء?? سيڙپڪاري کي ساراهيو.