اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ڀارتي پروپئگنڊه جو موثر طريقي سان ??قا??لو ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي ظلم کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏي??دي چيو آهي ته اسان کي دنيا کي اصل صورتحال کان آگاهه ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي اهتمام هيٺ ڪشمير جي ڪاري ڏي??هن جي موقعي تي ڪشميرين جي خراب حالت بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي مذمت جي لاءِ ڊيجيٽل فوٽوگرافي ۽ تصويرن جي نمائش کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪشميري عوام اڄ سياهه ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، هي ڏي??هن هر سال ڀارت جي والاريل واديءَ ۾ غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ملهايو وڃي ٿو. هن چيو ته نمائش جو بنيادي مقصد ان ڏي??هن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ کانسواءِ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي مسئلي بابت شاگردن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ آهي. هن تصويري نمائش ۾ شاگردن جي اظهار ڪيل جذبن کي ساراهيندي چيو ته شاگردن پنهنجي تصويرن ذريعي ڪشميري عوام جي ڏکن جي واضح عڪاسي ڪئي آهي. هن چيو ته اسان کي ڀارتي پروپئگنڊه جو ??قا??لو ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي ظلمن کي دنيا ۾ موثر طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن تصويري نمائش منعقد ڪرڻ تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي اطلاعات واري سيڪريٽري تصويرن جو ??قا??لو کٽيندڙن ۾ س??ٽي??ڪيٽ پڻ ورهايا ۽ کين مبارڪُون ڏنيُون.