اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ??ي ترقي لاءِ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ??عل??م لازمي آهي، ٻار ملڪ جو مستقبل آهن ۽ نئين نسل جي تعمير ۽ تربيت ئي ملڪي ترقي جا ضامن آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان ??در ۾ غيرسرڪاري تنظيم ليفٽ ويلفيئر فائونڊيسشن جي اهتمام هيٺ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي حوصلا افزائي جي لاءِ ٿيندڙ تقريب کي خ??اب ڪندي ڪيو. هن چيو ته غيررسمي ??عل??م کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ خوشي جو سبب آهي. ٻارن کي هتي کلندي ڏسي دلي سڪون ۽ خوشي محسوس ٿي رهي آهي. خاتون اول چيو ته اسان ??عل??م جي سڀ کان وڏي بحران مان گذري رهيا آهيون. اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي ضرورتن کي تسليم ڪندي انهن جي حوصلا افزائي جي لاءِ هتي ??وج??د آهيون ۽ انهن ٻارن کي هتي ڏسي ان ڳالهه جو به اطمينان ٿيو ته اسان ??ا اهي ٻار ملڪ جو مستقبل روشن ڪرڻ جي اهليت رکن ٿا. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهي ٻار ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. بيگم ثمينه عارف چيو ته يونيسيف جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هن وقت 5 سالن کان وٺي 16 سالن تائين جي عمر جي 22.8 ملين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، جيڪو ڳڻتي جو سبب آهي. اسان کي پنهنجي محدود وسيلن سان ??نهن کي ??عل??م جي زيور سان ??راسته ڪرڻ گهرجي. خاتون اول چيو ته ملڪ ۾ ??عل??م خاص طور تي اسڪولن کان ٻاهر ٻارن ۽ ٻارڙين جي ??عل??م تي ڀرپور ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هر ٻار ۽ ٻارڙي کي ??عل??م يافته هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڇوڪرين جي ??عل??م کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي پڙهائڻ جو نظريو تمام سٺو آهي. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته انسانيت جي خدمت هڪ سٺو ڪم آهي، ٻار ملڪ جو مستقبل آهن، ملڪ جي ترقي جو دارومدار انهن تي ئي آهي. اسڪولن کان ٻاهر ٻار معاشري ۾ ا??م ۽ فعال ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ??عل??مي شعبي ۾ پنهنجي خدمتن جو ذڪر ڪندي خاتون اول چيو ته هن ٻارڙين جي ??عل??م جي سدائين حوصلا افزائي ڪئي آهي. گادي واري شهر سميت سڄي ملڪ ۾ ناخواندگي جي شرح کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اسان وٽ قدرن جي گهٽتائي ٿي وئي آهي، ٻارن کي منشيات کان ??چائڻ به لازمي آهي. هن ليفٽ ويلفيئر فائونڊيشن کي خاطري ڪرائي ته انهن اسڪولن ٻاهر ٻارن جي ??عل??م لاءِ معاونت ڪئي وڃي. تقريب کي ليفٽ ويلفيئر فائونڊيشن جي صدر عروج ملڪ، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عاصمه ملڪ ۽ عظميٰ توفيق به خ??اب ڪيو. تقريب جي آخر ۾ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي ??عل??م ۽ تربيت جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ تي مختلف شخصيتون ۽ ??عل??م پرائيندڙ ٻارن ۾ شيلڊز ۽ سرٽيفڪيٽس ورهايا.