ڪراچي – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اردو يونيورسٽي، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت تي ??ور ڏنو آهي ته آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي (ايف يو يو اي ايس ٽي) ڪراچي جي مستقل وائيس چا??سلر جي مقرري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪراچي ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي سينيٽ ميمبرن، وفاقي تعليم واري وزارت جي نمائندي ۽ ايڇ اي سي جي چيئرمين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ تي ??ور ڏنو ته اها ترقين، پگهارن جي عدم ادائيگي، وائيس چا??سلر جي مقرري ۽ يونيورسٽي جي ايندڙ سينيٽ جي لاءِ نامزدگي ڪميٽي جي جوڙجڪ بابت معاملن تي ??ينيٽ جي هر ميمبر ۽ لاڳاپيل ڌرين جي راءِ ۽ تجويزن کي نظر ۾ رکندي اتفاق راءِ تي ٻڌل فيصلا ڪري. اجلاس ۾ ڊاڪ??ر محمد ضياءَ الدين کي يونيورسٽي جو وقتي وائيس چا??سلر پڻ مقرر ڪيو ويو جيڪو مستقل وائيس چا??سلر جي مقرري تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهندو. وقتي وائيس چا??سلر پاليسي سا?? لاڳاپيل معاملن کي قانوني ڇنڊڇاڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ڏانهن موڪليندو. اجلاس ۾ ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪ??ر مختار احمد کي يونيورسٽي جي مستقل وائيس چا??سلر جي مقرري جي لاءِ جوڙيل سرچ ڪميٽي جو چيئرپرسن مقرر ڪيو ويو. ڪميٽي کي مشورو ڏنو ويو ته اها مستقل وائيس چا??سلر جي مقرري جي سفارش ڪرڻ جي لاءِ ٽائيم لائين جي بنياد تي ??ڳي وڌي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چئن مهينن کانپوءِ فيصلن جو جائزو ورتو ويندو.