واشنگٽن -05 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان ملڪ ۾ آيل ٻوڏکي وڏي تباهي قرار ڏيندي چيو آهي، ته ماحولياتي تب??يل?? جي وڏي پئماني تي تباهه ڪن اثرن کي م??هن ڏيڻ لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي امداد جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن آمريڪي چينل فاڪس نيوز جي پروگرام آن داهل ۾ چئي. هن چيو ته پاڪستان کي ماضي ۾ پڻ قدرتي آفتن جو م??هن ڏسڻو پيو ۽ اسان ان جو مقابلو ڪيو، ان سلسلي ۾ هڪ وسيع نظام جوڙيو ويو پر هلندڙ سال ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي تباهي آئي، ج??هن لاءِ هي نظام ناڪافي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن رليف ۽ ريسڪيو آپريشن لاءِ 30 ملين ڊالر امداد فراهم ڪرڻ تي آمريڪي حڪومت ۽ قيادت جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته اسان کي امريڪا کان ه??در??ي ۽ يڪجهتي جا پيغام ملي رهيا آهن، جيڪي ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪستان جو ٽيون حصو پاڻي ۾ ٻڏل آهي ج??هن سبب 1300 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون ۽ 3 ڪروڙ 30 لک گهر تباهه ٿيا. سفير چيو ته رليف اينڊ ريسڪيو لاءِ کاڌي پيتي، پناه گاهن، دوائن ۽ خيمن تي ٻڌل امداد لاءِ ??ضا??ي ڪوريڊور يا ??ضا??ي پل قائم ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ته هي انتهائي فوري ضرورت جون شيون آهن، اسان کي انساني جانين کي بچائڻو آهي ان لاءِ ا??هن شين تي ٻڌل امداد جي آجيان ڪنداسين. مسعود خان چيو ته آمريڪي اداري يو ايس ايڊ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي جائزو وٺي رهيو آهي. ان کان علاوه هتي ڪيترين ئي تنظيمن طرفان پڻ پاڪستان لاءِ انساني ه??در??ي جي بنياد تي امداد موڪلي پئي وڃي.