اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان ??ي علائقي مير علي ۾ فوجي جوانن جي قافلي تي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ??تر وزيرستان ۾ خودڪش حملي جي نتيجي ۾ 4 جوانن جي شهادت تي دلي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ??هشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين پوري قوم متحد ٿي ان ??و مقابلو ڪندي رهندي ۽ دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. وزيراعظم چيو ته ??هشتگردي سان مقابلو ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ انهن جوانن کي مون سميت پوري قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيراعظم دعا ڪئي ته ??لله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.