حيدرآباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ صاحبزاده شبير انصاري 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانوني طور تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جهڙي ڪڌي قدم جي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي ??ڄي ملڪ ۾ استحصال ڏ??اڙ?? ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو آهي. اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اڳوڻي ايم اين اي چيو ته هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير جي معصوم عوام سان يڪجهتي ??و اظهار ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ ملڪ جي ٻين سياسي پارٽين پاران ريليون ڪڍيون وينديون ۽ ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ??لمن جي خلاف آواز اٿاريو ويندو. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ ان مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ڪشمير مسئلي کي سدائين گڏيل قومن سميت سمورن فورمن تي ??جاگر ڪيو آهي. هن حيدرآباد جي شهرين کي اپيل ڪئي ??ه اهي 5 آگسٽ تي ڪڍي ويندڙ ريلين ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ رياستي ??هشتگردي جي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائين.