اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف صنعت ۽ پيداو??ر واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود جي ا??ڊو??يشيا مان کاڄرو تيل جي برآمد لاءِ خصوصي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان صنعت ۽ پيدو??ر واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ سيڪريٽري امداد الله بوسال ملاقات ڪئي، وزيراعظم چيو ته وفاقي وزير جو کاڄرو تيل جي درآمد لاءِ ذاتي خرچن تي ا??ڊو??يشيا جو دورو واکاڻ جوڳو آهي، وقت سر درآمد سان ملڪ ۾ کاڄرو تيل جي بحران جي خطري جي روڪٿام ۽ کاڄرو تيل جي ڪارگو جي آمد سان تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿيندي، وزيراعظم چيو ته ان سلسلي ۾ صنعت ۽ پيداو??ر واري وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، واضح رهي ته وزيراعظم جي هدايت تي صنعت ۽ پيداو??ر واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود کاڄرو تيل جي درآمد لاءِ ذاتي خرچ تي ا??ڊو??يشيا جو دورو ڪيو، دوري جو مقصد ملڪ ۾ کاڄرو تيل جي برآمد سان متوقع بحران جي روڪٿام ڪرڻ هو، صنعت واري وزير جي ڪوششن جي ڪري ا??ڊو??يشيا کان اڍائي لک ميٽرڪ ٽن 10 بحري جه??ز کاڄرو تيل پاڪستان کي فراهم ڪيو پيو وڃي، کاڄرو تيل جي پهرين کيپ صنعت ۽ پيداو??ر واري وزير جي ا??ڊو??يشيا ۾ موجودگي ??ور??ن ئي پاڪستان رواني ڪئي وئي هئي.