اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) پ??ڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ??ه ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزا ڏني ويندي، چيني اسان جا مهمان آهن انهن ??ي حفاظت اسان جي ذميداري آهي، پاڪستان ۽ چين سدائين سمورن چئلينجز جو گڏجي مقابلو ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پ??ڏي??ي وزارت ۾ ڪراچي ۾ دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ چينين جي ياد ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پ??ڏي??ي وزير چيو ته اڄ دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ چينين جي ياد ۾ پ??ڏي??ي وزارت ۾ گڏ ٿيا آهيون، چيني استاد پاڪستاني شاگردن کي چيني زبان سيکاري رهيا هئا، اسان ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سخت مذمت ڪريون ٿا، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سخت کان سخت سزا ڏيندي ويندي، چيني اسان جا مهمان آهن انهن ??ي حفاظت اسان جي ذميداري آهي، پاڪستان ۽ چين سدائين سمورن چئلينجز جو گڏجي مقابلو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي صحافين ۽ عوام کي به خصوصي پيغام پهچائڻ چاهيان ٿو، پاڪستان ۽ چين جي دوستي کان سڀ واقف آهن، پاڪستان ۽ چين جي دوستي نه رڳو ٻنهي ملڪن پر عوام جي وچ ۾ به آهي، ان دوستي کي قائم ڪرڻ لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جو ڪردار سڀني جي سامهون آهي، پ??ڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چينين کي دهشتگردي جو واقعو سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ پيش آيو آهي، ڪو به پاڪستاني ڪڏهن به برداشت نٿو ڪري سگهي ??ه اسان جي مهمانن کي ان قسم جو دهشتگردي جو واقعو پيش اچي، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستانين جي مهمان نوازي جا مثال موجود آهن.