اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سينيئر صحافي خالد حميد فاروقي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪن??ي چيو آهي ته هو هڪ محنتي ۽ پنهنجي پيشي سان عشق ڪن??ڙ صحافي هو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ ??اران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته خالد حميدفاروقي جو لاڏاڻو صحافت جي شعبي جو وڏو نقصان آهي، سندس صحافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.