اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ڀارت کان ايندڙ ”سپر سونڪ فلائنگ آبجيڪٽ“ جي ??اڪ??تاني فضائي حدن جي هروڀرو خلاف ورزي تي شديد احتجاج ڪيو ويو، فلائنگ آبجيڪٽ 9 مارچ تي ??اڪ??تاني وقت موجب 6 لڳي 43 منٽن ت?? ڀارتي علائقي ”سورت ڳڙهه“ کان ??اڪ??تاني حدن ۾ داخل ٿيو ۽ تقريبن 6 لڳي 50 منٽن ت?? ??اڪ??تان ۾ ميان چنو شهر جي ويجهو زمين ت?? ڪريو، جنهن سان شهري ملڪيتن کي نقصان پهتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڀارتي سفارتڪار کي آگاهه ڪيو ويو ته فلائنگ آبجيڪٽ سان نه رڳو شهري ملڪيتن کي نقصان پهتو پر ان زمين ت?? انساني جانين کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيو، ان کانسواءِ فلائنگ آبجيڪٽ ??اڪ??تاني فصائي حدن ۾ ڪيترن ئي ملڪي ۽ عالم?? اڏامن لاءِ به سنگين خطري جو باعث بڻيو آهي، ان جي نتيجي ۾ هوابازي جي سنگين حادثي سان گڏوگڏ شهري فوتگيون به ٿي سگهيون پئي، ڀارتي ناظم الامور ک?? ٻڌايو ويو ته هو ڀارتي حڪومت کي ??اڪ??تاني فضائي حدن جي ان کلي خلاف ورزي جي سخت مذمت کان آگاهه ڪري جيڪا عالمي اصولن ۽ ايوي ايشن سيفٽي پروٽوڪول جي خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته ان طرح جا غير ذميداڻا واقعا فضائي سيفٽي کي نظر انداز ڪرڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرن ۾ وجهڻ بابت ڀارتي روين جا به عڪاس آهن. ??اڪ??تان ان واقعي جي مڪمل ۽ شفاف تحقيقات ۽ ان جا نتيجا ??اڪ??تان سان شيئر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ڀارتي حڪومت کي خبردار ڪيو وڃي ٿو ته هو ان طرح جي غفلت جي ناخوشگوار نتيجن کي ذهن ۾ رکي ۽ مستقبل ۾ اهڙين خلاف ورزين کان بچڻ لاءِ موثر قدم کڻي.