اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌر?? فواد حسين چيو آهي ته ملڪ جي آزادي جو 75 هون سال آهي، هن سال سمورا ادارا شاندار تقريبون منعقد ڪندا، ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جي شرو??ات 23 مارچ جي پريڊ سان ٿيندي، جنهن ۾ سڀني اسلامي ملڪن جي پر??يهي وزيرن کانسواءِ ڪجهه يورپي ملڪن جا اهم پر??يهي وزير ۽ نمائندا شرڪت ڪندا. پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين جي ڪهاڻي کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ انهن لمحن کي يادگار بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي جي ”لوگو“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته هلندڙ سال سمورا ادارا شاندار تقريبون منعقد ڪندا، ڊائمنڊ جوبلي جي تقريبن جي شرو??ات 23 مارچ جي پريڊ سان ٿيندي ۽ 14 آگسٽ تي به اهم تقريبون منعقد ڪيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان جي ڏهاڙي 23 مارچ جي پريڊ خصوصي پريڊ هوندي جنهن ۾ اسلامي ملڪن جي پر??يهي وزيرن کانسواءِ ڪجهه يورپي ملڪن جا پر??يهي وزير ۽ اهم نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. چ??ڌر?? فواد حسين چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته اسان پنهنجي تاريخ جي سمورين شاندار ڪهاڻين کي سامهون آڻيون. هن چيو ته پاڪستان جي آزادي جو 75 هون سال آهي، اطلا??ات ۽ نشريات واري وزارت کي ٽاسڪ ڏنو ويو هو ته ڊائمنڊ جوبلي جي تقريبن جو چارٽ جوڙيو وڃي جنهن ۾ اطلا??ات ۽ نشريات واري وزارت جي سمورن شعبن ۽ سمورين وزارتن ۽ کاتن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ ٺوس پروگرام جوڙيا آهن جن جي شرو??ات 23 مارچ کان ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ٻين چئنلز ۽ سڀئي ادارن پنهنجا زبردست پروگرام ترتيب ڏنا آهن ۽ هن سال اسان 23 مارچ کي ان انداز ۾ ملهائڻ وڃي رهيا آهيون جنهن جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين جي ڪهاڻي جيڪا شاندار ڪهاڻي آهي ان کي يادگار بڻائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڀلي اها اسان جي شا??ري جي ڪهاڻي آهي، فوج جي جرئت ۽ دليري جي ڪهاڻي آهي، چاهي اسان جي پوليس جا نمايان ڪارناما هجن ۽ اسان جي قوم جي ٻين روشن ستارن جي ڪهاڻي هجي، اسان انهن سڀني ڪهاڻين کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته جيئن اسان اهو ڏيکاري سگهون ته 75 سالن ۾ پاڪستان ڪٿي هو ۽ ڪٿي آهي. هن چيو ته اميد آهي ته اهو سفر شاندار هوندو، پاڪستان جي اها تقريب مستقبل جو پيش خيمو هوندي ۽ اسان ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪنداسين.