ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? ماسڪو ۾ گرينڊ مسجد ۽ اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪيو. وفاقي وزير ۽ وفد سان ميمبر وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم عمران خا?? ۽ گرينڊ مفتي جي وچ ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ا?? موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ا?? مسجد جو ڪم گهڻو وقت اڳ شروع ٿيو پر ان کي 2014ع ۾ مڪمل ڪيو ويو. هن چيو ته مون کي دوري دوران ٻ??اي?? ويو آهي ته روس ۾ 2 هزار مسجدون آهن. وزيراعظم چيو ته منهنجي روس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان اسلامو فوبيا جي حوالي سان ٺوس ۽ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته روسي صدر جو نبي ڪريم ﷺ جي حوالي سان محبت جو اظهار قابل تحسين ڳالهه آهي. هن چيو ته صدر سان ملاقات دورا?? مون چيو ته اسان کي ان صورتحال کي گڏجي منهن ڏيڻ گهرجي. بدقسمتي سان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان نفرتون پيدا ٿي رهيون آهن. هن چيو ته پ??ڪس??ان ان حوالي سان پوري ڪوشش ڪندو ته ا??لهندي ملڪن کي اسلام جي حوالي سان آگاهي ڏي ۽ ٻڌائي ته اسلام جو دهشتگردي سان ڪو به واسطو نه آهي. هن چيو ته روس جي گرينڊ مسجد هڪ خوبصوت مسجد آهي.