اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ڪوهلو جي علائقي ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ ڪيپٽن حيدر عباس جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ت?? اسان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. مملڪتي وزير چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ جانين جا نذرانا ڏيندڙ آفيسر ۽ جوان اسان جا هيروز آهن، شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و ته ڪيپٽن حيدر عباس پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي د??شتگردن کي د??زخ پهچائي ڇڏيو.