اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا???? مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته جسٽس عائشه ملڪ سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت جج جو حلف ک??ي نئين تاريخ لکي ڇڏي آهي. مم??ڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته سندس مقرري سان مستقبل ۾ وڌيڪ عورت ججن جي پاڪستان جي عدليه ۾ مقرري جي راهه هموار ٿيندي.