اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي برادري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان جي قيام جو وڏو مقصد اقليتن جي حقن جو تحفظ هو، قائداعطم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبلي کي خطاب ۾ وا??ح ڪيو هو ته پاڪستان جي رياست ۾ اقليتن جي حقن کي مڪمل تحفظ حاصل هوندو. اي پي پي جي اهتمام هيٺ ڪرسمس جي تقريب کي خطاب ڪن??ي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪرسمس جي دلچسپ ۽ زبردست ت??ريخ آهي، هر نئين صدي ۾ ڪرسمس ۾ نوان رنگ ڀرجندا ويا، ڪرسمس کي سدائين خوشين جو ڏڻ تصور ڪيو ويندو آهي، هن چ??و ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي برادري جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان جي مستقبل ۾ اقليتن جي ڪردار کي وڌيڪ ساراهيو ويندو، هن چ??و ته اهڙي طرح جي تقريبن جو انعقاد ان لاءِ به ضروري آهي ته ماڻهن کي ٻڌائي سگهجي ته رياست ۾ سڀني اقليتن جا ماڻهو شامل آهن. اطلاعات واري وزير اطلاعات واري وزارت ۽ اي پي پي ۾ ڪرسمس جي تقريب جي انعقاد کي ساراهيندي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي خوشين جي مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ مسيحي ملازمن ۾ سوويئنرز به ورهايا، تقريب ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اي پي پي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسين، انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل سيد جاويد، اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر عديله رباب، مسيحي ملازمن ۽ سندن گهرڀاتين سميت ٻيا به موجود هئا.