اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??ون??ورسٽين خاص طور تي آءِ ٽي ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ داخلا جي شرح وڌائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئ?? هنرمند گريجوئيٽس جي مارڪيٽ جي طلب کي پورو ڪري سگهجي، پاڪستان جي مقابلي ۾ علائقائي ملڪن جُون ??ون??ورسٽيون وڏي تعداد ۾ گريجوئيٽس پيدا ڪري رهيون آهن ۽ اسان جي ??ون??ورسٽين کي ملڪ ۾ بيچلرز ۽ م??سٽ??ز گريجوئيٽس ??و تعداد وڌائڻ لاءِ آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ وفاقي چارٽرڊ ??ون??ورسٽين ۽ ڊگري ڏيندڙ ادارن جي وائيس چانسلرز ريڪٽرز جي اجلاس دوران ڪيو، فيڊرل ايجوڪيشن ۽ پروفيشنل ٽريننگ واري وفاقي وزير شفقت محمود، هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شائسته سهيل، مختلف ??ون??ورسٽين جي وائيس چانسلرز ۽ ريڪٽرز اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ??ون??ورسٽين تي زور ڏنو ته هو پاڪستان ۾ روزگار جي شرح کي وڌائڻ لاءِ اڪيڊمين ۽ انڊسٽري جي رابطن کي فروغ ڏئي پنهنجي شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر سان ليس ڪن، هن مناسب طريقي سان ڊزائين ڪيل آن لائين ڪورسز ۽ مواد جي پهچ ۽ تشخص جي بهتر طريقن جي ذريعي ورچوئل تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششون ڪرڻ تي به زور ڏنو، وفاقي وزير شفقت محمود مهارت تي ٻڌل تعليم، فيڪلٽي جي ترقي، ۽ ليبز ۽ لاڳاپيل تعليمي سهولتن ۾ سيڙپڪاري ڪري معياري گريجوئيٽس تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ ايڇ اي سي جي آن لائن ۽ ڊسٽنس لرننگ پاليسي ۽ ??ون??ورسٽين جي درجه بندي جي لاءِ ان جي معيار تي خيالن جي مٽ??سٽ?? کانسواءِ بي ايس ۽ ايم ايس گريجوئيٽس ??و تعداد وڌائڻ ۾ مختلف تجويزن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ هنرمند افرادي قوت جي مارڪيٽ جي طلب کي نظر ۾ رکندي مختلف شعبن ۾ ايسوسيئيٽ ڊگريون (2 سالا ڊگريون) متعارف ڪرائڻ ۽ پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي امڪانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، شرڪت ڪندڙن استادن جي ترقي، تحقيقي سهولتن ۽ استادن جي تربيت جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن هو آن لائن تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ گهربل مهارتن سان ليس ٿي سگهن.