ڪوئيٽا – 15 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته بل??چس??ان اسٽريٽجڪ لحاظ کان وڏي اهميت رکندڙ صوبو آهي، صوبي ۾ سياحت جا وسيع امڪان آهن ان لاءِ گلگت بلتستان جي طرز تي بل??چس??ان ۾ به سياحت کي هٿي ڏيڻي پوندي، ڪوروان وائرس جي وبا جو قوم گڏجي مقابلو ڪيو ڇو ته ڪورونا وائرس وڏي آزمائش هئي جنهن ۾ خدا اسان کي ڪاميابي ڏني، وزيراعظم عمران خان جو واحد ليڊر آهي جنهن عام ماڻهو جي تڪليفن جو احساس ڪندي پاڪستان ۾ مڪمل لاڪ ڊائون نه هنيو، وفاق کي بل??چس??ان جي مسئلن جو ادراڪ آهي جنهن کي جلد حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ قبائلي اڳواڻن، واپاري نمائندن ۽ ٻين طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي بل??چس??ان جو گورنر ??يد ظهور احمد آغا، صوبائي وزير سردار صاله ڀوتاڻي، محمد خان لهري، مبين خان خلجي، ظهور احمد بليدي، صوبائي محتسب نذر محمد بلوچ، ايم ڊي بل??چس??ان ايجوڪيشن فائونڊيشن پروفيسر شير زمان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته ڳالهين ذريعي ئي عوامي مسئلن جو بهتر حل ڳولي سگهجي ٿو اڄ جي ويهڪ انهي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. وقت ڏيڻ ۽ گورنر هائوس اچڻ تي قبائلي اڳواڻن جو ٿورائتو آهيان. عام ماڻهو جي مسئلن جو ادراڪ حڪومت جو فرض آهي. روانگي واپار ۽ آمدني واپار ۾ توازن آڻڻو پوندو حڪومت روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته عمران خان دنيا جو واحد وزيراعظم آهي جنهن ڪوويڊ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪئي. صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته بل??چس??ان وسيلن سان مالامال آهي. بل??چس??ان ۾ سياحت جا وسيع امڪان آهن ان لاءِ اسان کي گلگت بلتستان جي طرز تي بل??چس??ان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻي پوندي. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت 20 ارب رپين جا آسان قرض ڏنا ويا. پاڻي جي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ري سائيڪلنگ جي ضرورت آهي. اسان کي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ روايتي طريقن کان هٽي ڪم ڪرڻو پوندو. هنچ يو ته سوئي گئس مان پوري ملڪ فائدو کنيو پر بل??چس??ان وڌيڪ فائدو نه کڻي سگهيو اسان کي بيمارين کان بچ??ءُ جي لاءِ جديد طريقا اختيار ڪرڻا پوندا. صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته حڪومت زرعي شعبي ۾ وڏي سبسڊيز ڏيندي آهي. وفاق کي بل??چس??ان جي مسئلن جو مڪمل ادراڪ آهي جلد حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته سيڪيورٽي هوندي آهي تڏهن ئي سيڙپڪاري ايندي آهي. هن چيو ته وسيلن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻو آهي. نوجوانن کي نوڪرين جي لاءِ ڪامياب جوان اسڪيم بهتر پروگرام آهي جنهن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته گذريل سال ڪامياب جوان پروگرام جي ذريعي 20 ارب رپين جا ننڍا قرض ڏنا ويا. بل??چس??ان جي بارڊر تي قانوني واپار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ واپارين جي تجويزن بابت واپار واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن آڏو معاملو رکندس. بل??چس??ان ۾ سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ روزگار جا وڏا موقعا موجود آهن جنهن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. بعد ۾ قبائلي اڳواڻن پاران صدر کي بل??چس??ان جي روايتي پڳ پارائي وئي. قبائلي اڳواڻن ۽ واپارين صدر کي صوبي جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. صدر ڊا??ٽر عارف علوي قبائلي اڳواڻن، ڪوئيٽا چيمبر آف ڪامرس جي نمائندن، سول سوسائٽي جا مسئلا ڌيان سان ٻڌا ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.