اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان والاريل ڪشمير جي عوام کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي تي زور ڏيندي چيو آهي ته گڏيل قوم?? جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جو حل خطي جي پائيدار ام?? جي لاءِ ضروري آهي، مسلمان امت پاران ڪشميري?? جي خودمختياري جي حق جي مسلسل تائيد ساراهه جوڳي آهي، او آءِ سي، گڏيل قومن، عالمي تنظيمن ۽ ميڊيا نمائندن کي والاريل ڪشمير ۾ پهچ ڏني وڃي ته جيئن عالمي نمائندا والاريل ڪشمير ۾ انساني حق?? جي خلاف ورزين تي آزاداڻي تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪن، مسلمان امت اسلامو فوبيا سميت انتهاپسنداڻي نظري?? جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڄمون ۽ ڪشمير بابت اسلامي تعاون تنظيم جي خصوصي نمائندي يوسف الدوبي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي انساني حقن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري طارق بخيت ۽ او آءِ سي جي وفد جا سينيئر ميمبر پڻ موجود هئا. وزيراعظم عمران خان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي او آءِ سي جي اصولي موقف ج?? اهميت ۽ ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي انه?? جي منصفاڻي جدوجهد جي ل??ءِ مسلمان امت جي پرعزم حمايت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم عمران خان ڀارت پاران غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪندي چيو ته والاريل علائقي ۾ 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوجي مقرر آه?? جيڪو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ع??ڪر?? علائقو بڻجي ويو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جو مقصد ڪشميرين کي راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ آهي ته جيئن ان علائقي کي هندو اڪثريتي علائقي ۾ تبديل ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته اهي غيرقانوني قدم گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي ل??ڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانون بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينش?? جي سڌي سنئين خلاف ورزي آهي. وزيراعظم او آءِ سي، گڏيل قومن ۽ انساني حق?? جي ٻين تنظيمن کي عالمي ميڊيا کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪرڻ ۽ انساني حق?? جي خلاف ورزي?? جي آزاداڻي جاچ ۽ رپورٽنگ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انساني امداد ۽ مدد فراهم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم اسلامو فوبيا کي هوا ڏيندڙ انتهاپسنداڻي سياسي نظري?? جي ڪري درپيش چئلينجز جي خلاف اسلامي دنيا کي مضبوط اتحاد پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن عالمي تڪرارن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين سميت پراڻن تڪرار?? جي پرامن حل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو منصفاڻو حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي ل??ءِ بنيادي شرط آهي.