اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ا??وڻ?? نيب جي ا??وڻ?? اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محمد عمير جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب محمد عمير شرجيل انعام ميمڻ ريفرنس ۾ 15 اصل پراپرٽي ڊيڊ چورايا هئا، انڪوائري کانپوءِ نيب محمد عمير کي نوڪري مان ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، نيب ا??وڻ?? اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نيب چيئرمي?? جي سروس مان ڪڍڻ جي حڪم جي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي، صدر نيب پاران محمد عمير کي سروس مان فارغ ڪرڻ جو حڪم برقرار رکندي چيو ته ڏوهه جي نوعيت جي اعتبار سان نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ڪافي نه آهي، نيب محمد عمير جي خلاف قانو?? جي آخري حد تائين ڪارروائي ڪري، محمد عمير اهم ڪاغذن جو واحد نگران هو، اسٽيل جي الماري مان ڪاغذ چوري ٿيا، الماري تائين رسائي صرف محمد عمير کي حاصل هئي، عدالت ۾ ڪاغذ پيش ڪرڻ جو واعدو به ڪيو، عين وقت تي عدالت کي ڪاغذات چوري هجڻ جو ٻڌايو ويو جنه?? جي ڪري ڪيس ۾ ملوث ماڻه?? کي ضمانت ملي وئي، دٻاءُ وجهڻ کانپوءِ ڪاغذ برآمد ٿيا ۽ نيب کي شرمندگيءَ جو منهن ڏسڻو پيو، صدر چيو ته نيب جي تحويل مان اصل ڪاغذ?? جي چوري هڪ ڪڌو ڏوهه آهي، پاڪستاني عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وڌي وئي ۽ ادار?? کي دوکو ڏنو ويو، پاڪستا?? کي ڪرپٽ لٽير?? جي ڪري شديد نقصان کڻڻو پيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ باهه جي ڪري ثبوتن تي مشتمل عمارتون به سڙي وينديون آهن، ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني سياستدان?? جي ڪرپشن ڪيسن ۾ به ڪاغذات چوري ٿي ويندا آهن. هن چيو ته ڪاغذ حادثاتي طور تي نه پر هڪ ڪرپٽ آفيسر ڄاڻي واڻي چورايا، فائل مان صرف ضروري ڪاغذ چوري ٿيا، ??اق?? سڀ ڪاغذ موجود رهيا، چوري ڪو ٻاهر جو ماڻهو نه پر ڪيس جا تفصيل ڄاڻڻ واري ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته منهنجي لاءِ ان ڪيس ۾ فيصلو ڏيڻ نهايت تڪليف جو باعث آهي، ان مجرماڻي فعل جي ڪري قوم کي اربين روپين جو نقصان ٿيو، نيب ا??وڻ?? آفيسر جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري.