اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته لوڻ ۽ دواسازي جي شعبن ۾ روانگي واپار ۾ واڌاري جي مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب هن اها هدايت نيشنل ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.
اجلاس ۾ ناڻي واري ??زي?? شوڪت فياض ترين، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي ??زي?? مخدوم خسرو بختيار، واپار ۽ سيڙپڪاري وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، ڊاڪٽر شهباز گل، چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڊرگ ريگوليٽر اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) عاصم رئوف، داوساز ۽ لوڻ جي شعبن جي نمائندن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ??زي??اعظم کي خاص طور تي لوڻ ۽ دواسازي جي شعبن ۾ روانگي واپار ۾ مختلف قسمن جي امڪانن کان آگاهه ڪيو ويو. ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ان لحاظ کان خوش قسمت آهي ته هتي هر قسم جو لوڻ دستياب آهي، ان ۾ چٽاني لوڻ، سامونڊي لوڻ ۽ ڍنڍن مان حاصل ڪيل لوڻ شامل آهن، 6.2 ملين ٽن جي مجموعي ذخيرن سان کيوڙه سالٽ مائن دنيا ۾ لوڻ جي ٻي وڏي کاڻ آهي.
پاڪستان وٽ 1050 ڪلوميٽر ڊگهي ساحلي پٽ سان گڏ ساموندي لوڻ جا وسيع ذخيرا به آهن، 350 ملين ٽن عالمي لوڻ جي کپت جو تقريبن 60 سيڪڙو ڪيميائي صنعت ٺاهيندي آهي، پاڪستان جي سالياني لوڻ جي پيداوار 4 ملين ٽن آهي جڏهن ته هر سال صرف 3 لک ٽن برآمد ڪيو پيو وڃي، جڏهن سالٽ ۽ بلوچستان جي حڪومت لوڻ جي روانگي واپار ۾پاڪستان جي وسيع امڪانن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ هڪ نئون سولر سالٽ منصوبو شروع ڪ??و آهي، اهو دنيا جو سڀ کان وڏو لوڻ پيدا ڪرڻ جو به منصوبو هوندو ۽ لوڻ جي روانگي واپار کي 2023ع ۾ 400 ملين ڊالر کان وڌائي ڇڏيندو ۽ ايندڙ سالن ۾ 200 ملين ڊالر ساليانو جي شرح سان اضافو ڪندو رهندو،
وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هن وقت پاڪستان جي دواسازي جو روانگي واپار 275 ملين ڊالر آهي جيڪو وڌيڪ 74.3 بلين ڊالر کان وڌڻ جي صلاحيت رکي ٿو. مشينري ۽ ساز ۽ سامان ۾ سيڙپڪاري، پاڪستاني دوائن جي رجسٽريشن جي عمل کي هموار ڪرڻ، مشهور ملٽي نيشنل ڪمپنين (MNCs) سان منصوبن ۾ حصيداري ۽ برانڊنگ لاءِ عالمي منڊين ۾ سيلز ۽ مارڪيٽنگ ٽيمن جي مقرري جي ذريعي ترقي جي ان صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو. ??زي??اعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته لوڻ ۽ دواسازي جي شعبن ۾ روانگي واپار ۾ واڌاري جي مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ سموري ضروري قدم کنيا وڃن. ??زي??اعظم ان ڳا??هه جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت معيشت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ لاءِ ملڪ ۾ ڪاروبار دوست پاليسين تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ??زي??اعظم ان ڳا??هه تي به زور ڏنو ته ڪاروباري برادري کي وڌ کان وڌ ويليو ايڊيشن حاصل ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ گهرجي.