دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تاجڪ??تا?? جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوشنبي پهچي ويو، تاجڪ??تا?? جي وزيراعظم قاهر رسول زاده وزيراعظم عمران خان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، اطلاعات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، بحري معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ نيشنل سيڪيورٽي وارو ايڊوائيزر ڊاڪٽر معيد يوسف به وزيراعظم سان گڏ آهن، وزيراعظم تاجڪ??تا?? ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم عمران خان تاجڪ??تا?? جي صدر امام علي رحمانوف سان ٻطرفي ملاقات لاءِ صدارتي محل جو دورو به ڪندو، وزيراعظم ۽ تاجڪ??تا?? جي وچ ۾ ڪاروباري شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏيل بزنس فورم کي به خطاب ڪندو. وزيراعظم دوشنبي ۾ ايس سي او ج?? 20 ??ين سربراهي ۾ شرڪت جي موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن سان ملاقات به ڪندو. دوري دوران وزيراعظم ايران ، قزاق??تا??، بيلاروس ۽ ازبڪ??تا?? جي صدرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو، ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وزيراعظم عمران خان تاجڪ??تا?? جي صدر سان ملاقات ڪندو، وزيراعظم عمران خان سان هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وفد به گڏ آهي.