لاهور – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??ات??ن او?? بشريٰ بي بي پنجاب انسٽيٽيوٽ آف مينٽل هيلٿ لاهور جو دورو ڪيو، ??ات??ن او?? ان موقعي تي ايمرجنسي وارڊ سميت اسپتال جي ٻين شعبن جو دورو ڪيو ۽ اتي ذهني مرض ۾ مبتلا مريضن کي ڏنل سهولتن جو جائزو ورتو ۽ مريضن جي عيادت به ڪئي، اسپتال انتظاميه ??ات??ن او?? کي مريضن کي ڏنل سهولتن بابت بريفنگ ڏني، ان موقعي تي ??ات??ن او?? چيف ايگزيڪيٽو ڊاڪٽر اشرف سان مريضن کي ڏنل سهولتن ۽ کاڌي پتي جي سهولتن بابت معلومات حاصل ڪئي، ??ات??ن او?? اسپتال ۾ ٺهيل بورچي خاني جو به دورو ڪيو ۽ مريضن کي ڏنو ويندڙ کاڌي جي معيار جو به جائزو ورتو، هن ا??پتال انتظاميه کي هدايت ڪئي ته مريضن کي علاج جي بهترين سهولتن سان گڏوگڏ کاڌي جي معيار کي وڌيڪ بهتر بنايو وڇي، هن انسٽيٽِيوٽ کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن ا??پتال انتظاميه کان پڇيو ته ڇا انسٽيٽيوٽ ۾ ڏنيون ويندڙ سهولتن مان مريض مطئمن آهن ۽ توهان ڪهڙي طرح ان کي وڌيڪ بهتر ٺاهي سگهو ٿا ان حوالي سان هن انتظاميه کي هدايتون ڏنيون ته مريضن کي بهترين سهولتون ڏيڻ جي حوالي سان تحريري طور تي پنهنجون تجويزون فراهم ڪن، اسپتال انتظاميه ??ات??ن او?? کي ٻڌايو ته مريضن کي ناشتو، ٻنپهرن جو کاڌو، ميوا، شام جي چانهه، رات جي ماني ۽ ٻيون نيوٽريشن ڏنيون وينديون آهن ته جيئن انهن جي ذهني صحت کي مستحڪم بڻائي سگهجي، اسپتال انتظاميه ٻڌايو ته ايندڙ سال جون کان اڳ اسپتال ۾ شروع ڪيل منصوبا جن ۾ بلڊنگس جي تعمير سميت ٻيا منصوبا شامل آهن مڪمل ڪيا ويندا، هن ا??پتال انتظاميه کي ڊرگس جي عادي مريضن جي بحالي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ??ات??ن او?? اسپتال ۾ ذهني مريضن لاءِ قائم ڪيل مختلف بلاڪن جو به دورو ڪيو ۽ اتي انهن کي ڏني ويندڙ علاج جي سهولتن جي مڪمل معلومات حاصل ڪئي، ان موقعي تي هن انسٽيٽيوٽ آف مينل هيلٿ ۾ ٻوٽو به لڳايو.