لاهور – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته ايندڙ بج??ٽ اسان جي حڪومت جي ڪارڪردگي ??ي عڪاس هوندي، بج??ٽ ۾ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪيو ويندو، آمدني ۾ اضافو ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي لاءِ قدم کنيا ويندا، اليڪشن سڌارن سميت ٻين اهم معاملن تي مخا??ف ڌر کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪومتي چاهي ٿي ته اليڪشن ڪميشن تجرباتي بنيادن تي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو استعمال ڪري، قومي ادارن جي اندر ماضي جي حڪومتن سياسي ڀرتيون ڪيون، فيٽف ۾ پاڪستان کي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وزير چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي پاليسين جي ڪري ملڪ جنهن گهيري ۾ ڦاٿل هو، الحمد الله اڄ ان کان ٻاهر اچي ويو آهي، بج??ٽ جي بنيادي هدفن جو ذڪر ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ايندڙ مالي سال جو بج??ٽ اسان جي گذريل سالن جي ڪارڪردگي جو عڪاس هوندو، ان سان اسان جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي. ترقياتي بج??ٽ ۾ اضافو، پگهاردار طبقي کي رليف، مهانگائي ۾ گهٽتائي جهڙن قدمن سميت آمدني ۾ اضافي تي بنيادي ڌيان ڏنو پيو وڃي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب فنانس ٽيم بج??ٽ تيار ڪري رهي آهي. هن چيو ته پوري دنيا هن وقت ڪورونا وائرس جي وبا سان وڙهي رهي آهي، اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت جي معيشت هن وقت منفي 7.3 کان هيٺ آهي، ٻين ملڪن ۾ به معاشي حالتون ڪافي تبديل ٿيون آهن پر اسان وٽ صورتحال بلڪل مختلف آهي، اسان جي معاشي صورتحال مستحڪم ۽ بهتر آهي. هن چيو ته اسان مخا??ف ڌر سان چونڊ سڌارن تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون، وفاقي وزير چيو ته مخا??ف ڌر وکريل آهي، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جون پاليسيون ڪليئر ٿي وينديون ته پوءِ معلوم ٿيندو ته مولانا فضل الرحمان ڇا چاهي ٿو؟ انهن ٽنهي جو قبلو هڪ ٻئي کان مختلف آهي، کين هڪٻئي جي سم??هه نه اچي رهي آهي. هن چيو ته مخا??ف ڌر جو ملڪي سياست ۾ هڪ اهم ڪردار هوندو آهي، اسان ان ڪردار کي تسليم ڪريون ٿا، اليڪشن سڌارن ۽ عدالتي سڌارن تي مخا??ف ڌر کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.