اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سياسي معاملن بابت خاص مددگار ۽ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر ملاق??ت ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جار?? بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ بجيٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ عامر ڊوگر وزيراعظم کي ڏکڻ پنجاب جي محرومين کي ختم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي د??رن جي دوران ترقياتي منصوبن خاص طور تي ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي قيام تي عوامي پذيرائي کا?? آگاهه ڪيو.