اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريش?? چيو آهي ته ڪشميري عوام سان عالمي برادري ۽ گڏيل قومن ??يڪو واعدو ڪيو اهو اڃا تائين وفا ناهي ٿيو، والاريل ڪشمير جا ماڻهو ڪارن قانونن، مواصلاتي مشڪلاتن ۽ بنيادي حق ختم ٿيڻ جي باوجود پنهنجو آواز بلند ڪري رهيا آهن، هندستان جي ظلم ۽ ڏاڍ جي باوجود ڪشميري عوام جا حوصلا ڪمزور ناهن ٿيا، اسان کي ڪشمير مسئلي تي سياسي مصلحتن کان م??ان??ون ٿي هڪ زبان ٿي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، ??خالف ڌر جي قيادت پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ ڪشمير مسئلي تي پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ??وجوده حڪومت ڪشمير مسئلي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو آهي، جيستائين گڏيل قومن ??ي قراردادن موجب اهو مسئلو حل نٿو ٿئي، ??اڪستان ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل رهندو. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريش?? چيو ته اختلافن جي باوجود ڪشمير مسئلي تي اسان جي يڪسوئي آهي، اسان جو موقف هڪ آهي، اسان جي منزل هڪ آهي، ان جو عملي ثبوت اهي گڏيل قراردادون آهن جيڪي اسان جي پارليامينٽ منظور ڪيون آهن.