اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا جي پهرين لهر ۾ و??ير??عظم جي وقت سر ۽ دانشمنداڻي قدمن پاڪستان کي وڏي جاني نقصان کان بچائي ورتو، ڪورونا جي ٻي شديد ترين لهر ۾ مخالف ڌر جون سياسي سرگرميون ڪورونا ڦهلاءُ جو سبب بڻجي رهيون آهن، پاڪستان جي سمارٽ ??اڪ ڊائون پاليسي کي دنيا ساراهي رهي آهي. هو ايس ڊي پي آءِ جي اهتمام هيٺ 23 هين پائيدار ترقي ??انفرنس بعنوان ”ڪوويڊ 19 ۾ پائيدار ترقي“ ۾ وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪري رهيو هو.