ڪراچي – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا جي صورتحال جي باوجود مخالف ڌر پنهنجي ذا??ي مفادن جي لاءِ عوام کي استعمال ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن بيانيي تي اهي ماڻهو ه??ي رهيا آهن اهو ملڪ دشمنن جو بيانيو آهي، 13 ڊسمبر جي جلسي سان اسان کي ڪو خطرو نه آهي، پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون هڪ صفحي تي نه آهن. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته مخالف ڌر وٽ ڪو پلان نه آهي، هي اقتدار کي پنهنجو پيدائشي حق سمجهن ٿا.