ڪابل – 19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ اف??ا??ست??ن ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن جي ڏس ۾ انٽيليجنس معلومات جي مٽاسٽا ۽ ويجهي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آه??، وزيراعظم عمران ان ۽ اف??ا??ست??ن جي صدر اشرف غني خميس ڏينهن هتي صدارتي محل ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اف??ا??ست??ن ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ استحڪام جي لاءِ فوري قدمن جي سلسلي ۾ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عمران خان جيڪو پهريون ڀيرو اف??ا??ست??ن جي دوري تي ڪابل آيو، اف??ان صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، بين الافغان امن عمل ۽ علائقائي اقتصادي ترقي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان اف??ان حڪومت کي پاڪستان پاران اف??ا??ست??ن ۾ تشدد جي خاتمي لاءِ تعاون ۽ جنگ بندي جي سلسلي ۾ پنهنجي ڀرپور حمايت جي خاطري ڪرائي، وزيراعظم چيو ته هو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته پاڪستان اف??ا??ست??ن جي ڪهڙي طرح جي مدد ڪري سگهي ٿو، هن اف??ان صدر کي يقين ڏياريو ته هو تشدد ۾ گهٽتائي لاءِ ڀرپور مدد فراهم ڪندو، وزيراعظم اف??ا??ست??ن ۾ تشدد جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گڏيل خيالن جي مٽاسٽا لاءِ ٻنهي حڪومتن جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽين جي قيام جي حمايت ڪئي. وزيراعظم عمران خان اف??ا??ست??ن جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي اف??ان صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ ان اعتماد جو اظهارڪيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي.