اسلام آباد – 12 نومبر (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم واري وزارت، منشيات جي خ??تم?? واري فورس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زورڏيندي چيو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن تعليمي ادارن ۾ خصوصي ش??گردن جي ڀلائي ۽ سهولت لاءِ قدم کڻي، خصوصي ش??گردن کي ٽيوشن فيس ۾ ڇوٽ، تعليمي ادارن ۾ آمدرفت جي خصوصي سهولت ۽ عمر جي حد ۾ نرمي ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن منشيات جي خ??تم?? ۽ خصوصي ش??گردن جي ڀلائي واري ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، منشيات جي خ??تم?? وارو وزير محمد اعظم خان سواتي، انساني حقن واري وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، ايڇ اي سي جو ??يئ??مين ۽ مختلف وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.