اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) مالي سال 24-2023ع ۾ حڪومت طرفان سخت مالياتي نظم ۽ ضبط باوجود حڪومتي خرچن تي دٻاءُ برقرار رهيو. حڪومتي خرچن تي دٻاءُ جو بنيادي سبب قرضن تي وياج جي ادائيگين ۾ بي پناهه اضافو آهي. ج??ري ڪيل اقتصادي سروي موجب هلندڙ مالي س??ل جي پهرين 9 مهينن دوران مالياتي خسارو 3.7 سيڪڙو رهيو، هلندڙ مالي س??ل جي پهرين 9 مهينن دوران ڪل حڪومتي خرچن ۾ 36.6 سيڪڙو جو ا??افو ٿيو ۽ اهو وڌي 13682.8 ارب روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي س??ل جي انهي مد?? دوران اٽڪل 10 هزار ارب روپيا هو. حڪومت جي ج??ري خرچن ۾ 33.4 سيڪڙو جو ا??افو ٿيو ۽ اهو وڌي 12333.3 ارب روپين تي پهچي ويو. ڪل ترقياتي خرچن ۾ 14.2 سيڪڙو جو ا??افو ٿيو جيڪو وڌي 1158.1 ارب روپين تي پهچي ويو جيڪو گذريل مالي س??ل جي انهي عرص?? دوران 1014 ارب روپيا هو ۽ عوام مالي س??ل جي پهرين 9 مهينن دوران حڪومتي محصول ۾ 41 سيڪڙو جو ا??افو ٿيو ۽ اهو وڌي 7980.4 ارب روپين تي پهچي ويو، ٽيڪس محصولن ۾ 29.3 سيڪڙو جو ا??افو ٿيو ۽ اهو وڌي 7262.5 ارب روپين تي پهچي ويو. هلندڙ مالي س??ل جي پهرين 11 مهينن دوران فيڊرل بورڊ آف روينيو طرفان نج عارضي ٽيڪس اوڳاڙي جي مد ۾ 30.8 سيڪڙو جو ا??افو ٿيو. جيڪو وڌي 8125.7 ارب روپين تي پهچي ويو. هلندڙ مالي س??ل جي پهرين 9 مهينن دوران چئني صوبن طرفان 435.5 ارب روپين جو گڏيل سرپلس ڏنو ويو.