اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) سپريم ڪورٽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي ر??لن?? کي آئين جي خلاف قرار ڏيندي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏ??و آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجز بينچ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، سپريم ڪورٽ قرار ڏ??و آهي ته 3 اپريل 2022ع تي ڏنل ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي ر??لن?? آئين جي منافي آهي، قومي اسيمبلي ٽوڙڻ به قانون جي خلاف هو، قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ غير آئيني هو، قومي اسيمبلي 3 اپريل 2022ع جي پوزيشن تي بحال ڪئي وڃي ٿي، نگران حڪومت جي قيام لاءِ ڏنل سمورا حڪم ڪالعدم قرار ڏنا وڃن ٿا، سپريم ڪورٽ قرار ڏ??و آهي ته ٻيهر اليڪشن جي حوالي سان صدر جو حڪم به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، سپريم ڪورٽ قرار ڏ??و آهي ته وزيراعظم اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي اهل نه هو، وزيراعظم، صدر کي ايڊوائيز نٿو ڏئي سگهي، وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا عهدن تي بحال ٿي چڪا آهن، اسپيڪر قومي اسيمبلي جو 9 اپريل ڇنڇر تي ساڍا 10 وڳي اجلاس گهرائي، وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي، حڪومت ڪنهن ميمبر جي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيڻ ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي، ڪنهن به قومي اسيمبلي ميمبر کي ووٽ وجهڻ کان نٿو روڪي سگهجي، تنهن هوندي به پارٽي کان باغين تي آرٽيڪل 63 اي لاڳو ٿيندو. سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس اڪلائيندي قرار ڏ??و آهي ته اسپيڪر ڇنڇر تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي، بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿئي ته فوري نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪئي وڃي، لکت وارو حڪم نامي بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.