اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اطلاعات واري ڪميٽي ۾ چيئرمين نيب جي طلبي کي کل جوڳي قرار ڏيندي چيو آهي ته مخالف ڌر جو مقصد هر پليٽ فارم کي غلط استعمال ڪري نيب کي دٻاءُ ۾ آڻڻ آهي، ??راڊشيٽ معاملي تي وزيراعظم عمران خان انڪوائري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي ج??ڪا 45 ڏينهن ۾ براڊشيٽ معاملي تي لاڳاپيل ماڻهن، ڪردارن ?? وزيرن ۽ وڪيلن جي تحقيقات ڪندي. هو پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي ج?? اسٽينڊنگ ڪميٽي ج?? اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو.