اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف هڪ ڏينهن جي دوري ??ي گڏيل عرب امارات پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب گڏيل عرب امارات پهچڻ تي پاڪستان جي يو اي اي ۾ سفير، اعليٰ اماراتي عملدارن ۽ پاڪستاني سفارتي اهلڪارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. پنهنجي دوري ??وران وزيراعظم محمد شه??از شريف، گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي ڀاءُ، شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ شاهي محل ويندو. ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.