اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) پرڏي??ي معاملن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر 13 مئي کان ٻئي يورپي يونين انڊو پيسفڪ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ اسٽاڪ هوم سوئيڊن جو سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏي??ي معاملن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر جو اهو دورو يورپي يونين جي پرڏي??ي معاملن ۽ سلامتي پاليسي واري اعليٰ نمائندي جوزپ بوريل ?? سوئيڊش پرڏيهي وزير ٽوبياس بلسٽروم جي گڏيل دعوت تي ٿي رهيو آهي. فورم ۾ مملڪتي وزير اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندي ۽ يورپي يونين سان واپار، سيڙپڪاري، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي، آبهوا، ماحوليات ۽ صحت ۽ رابطن ۾ تعاون جي امڪانن جو جائزو وٺندي. حن?? رباني کر فورم ۾ شريڪ اڳواڻن سان پڻ ملاقات ۽ ٻطرفي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي.