اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي چونڊن بابت مشاو??ت جي لاءِ 20 فيبروري 2023ع تي ايوان صدر ۾ هنگامي اجلاس جي دعوت ڏني آهي. اليڪشنز ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 57 (1) تحت صدر عام چونڊن جي تاريخ يا تاريخن جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سا?? مشاورت کانپوءِ ڪندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي پنهنجي خط ۾ صدر چيو ته سندس 08 فيبروري جي خط کانپوءِ ان معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۽ سپريم ڪورٽ جي تازي مشاهدن جهڙي ڪجهه اهم اڳڀرائي ٿي آهي. صدر پنهنجي پهرين خط ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جواب نه ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ??ه هو بي چيني سا?? انتظار ڪري رهيو هو ته ڪميشن پنهنجي آئيني فرض جو احساس ڪ??دي ۽ ان موجب ڪم ڪندي. هن چيو ته ان اهم معاملي تي اليڪشن ڪميشن جي افسوسناڪ رويي سا?? انتهائي مايوسي ٿي آهي. پنهنجي خط ۾ صدر چيو ته آئين جي تحفظ ۽ دفاع جي پنهنجي آئيني ذميواري جو احساس ڪ??دي چيف اليڪشن ڪمشنر کي 20 فيبروري 2023ع تي پنهنجي آفيس ۾ چونڊن تي مشاو??ت جي لاء?? هنگامي ملاقات جي لاءِ گهرايان ٿو.