اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستا?? جو فائدو قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ ۾ آهي، طاقتور ۽ ڪمزور جي لاءِ هڪ قانون هجڻ گهرجي، مخالف ڌر جو ??فا?? پاڪستان جي ??فا?? جي خلاف آهي، عمران خان ڪڏهن به انهن ڦورن کي معاف نه ڪندو، ال??ه جو شڪر آهي ته جيڪڏهن اهي ماڻهو آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي چيف جي خلاف ڳالهائي ر??يا آهن ته انهن جي چونڊ ڪرڻ وارو منهنجو فيصلو بلڪل ٺيڪ هو، ڦورو هنن جي خلاف ڳالهائي ر??يا آهن ته ان ج?? مطلب آهي ته هي بلڪل ٺيڪ ماڻهو آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ڏسنداسين ته ڪنه?? جون ٽنگون ڏڪن ٿيون ۽ ڪنهن جي مٿي تي پگهر اچي ٿو، اسان جي سيڪيورٽي فورسز گذريل 15، 20 سالن ۾ دهشتگردي جو ڪاميابي ۽ جرئت سان مقابلو ڪيو ۽ ملڪ کي محفوظ بڻايو، ان جي ڪري پاڪستا?? جو اهُو حال نه آهي جيڪو باقي مسلمان ملڪ?? جو ٿيو، اسان جي انٽيليجنس ايجنسين انتشار پکيڙڻ جي ڀارتي ڪوششن ۽ منصوبن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي. گلگت ۾ گلگت بلتستان جي آزادي پريڊ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هو قوم کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته هڪ مضبوط فوج پاڪستان جي لاءِ ڪيتري ضروري آهي، ليبيا کان وٺي صوماليه، يمن ۽ افغانستان ۾ تباهي متل آهي، انهن ملڪن ۾ جنگيون ٿي چڪيون آهن يا ٿي ر??يون آهن، انهن ملڪن جي عوام مشڪل ۾ آهي ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي ر??ي آهي.