اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان لبنان جي گادي واري شهر ۾ بيروت ۾ ڌماڪن ۾ وڏي پئماني تي قيمتي جانين جي زيان ۽ هزارين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان مشڪل جي هن گه??يءَ ۾ پنهنجي لبناني ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ زخمين کي جلد صحتياب ڪري ۽ ڏک??يل خاندانن کي صبر جميل ??طا فرمائي.