اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) ڪورونا وائرس جي وبا جي وڌندڙ رجحان سبب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي 5 جون کان شروع ٿيندڙ سينيٽ جي اجلاس جي لاءِ صحت واري وزارت ۽ ص??ت جي عالمي اداري پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد جي هدايت ڪئي آهي ۽ اجلاس منعقد ڪرڻ جي لاءِ موثر انتظامن جي پڻ هدايت جاري ڪئي آهي. انهن انتظامن موجب پارليامينٽ جو اجلا?? باقاعده طور تي پاڪستان ٽيليويزن ذريعي سڌو??نئ??ن نشر ڪيو ويندو ته جيئن ميڊيا جي نمائندن کي ڪوري?? جي لاءِ متبادل ذريعو ملي سگهي. ميڊيا جي نمائندن کي گذ??رش ڪئي ويندي ته اجلاس جي ڪارروائي لاءِ پي ٽي وي ٽرانسميشن مان فائدو کڻن.