اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جو بنياد مذهب، ثقافت ۽ گڏ??ل اعتماد تي قائم آهي، ملائيسيا جي وزيراعظم مهاتير محمد جي گذر??ل سال پاڪستان جي ڏهاڙي تي اچڻ ۽ پريڊ جي موقعي تي خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي دوستي جو مظهر آهي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٽوئ??ٽ ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خ??ن جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ملائيشيا جو ٻيو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفن مضبوط لاڳاپن جو عڪاس آهي.